ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ علي حيدر آبادي پنهنجي زال جي ميڊيڪل رپورٽ کي چئلينج ڪندي نئون ميڊيڪل بورڊ ٺاهڻ لاءِ لاهور جي ضلعي عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.
علي حيدر آبادي پنهنجي وڪيل رانا انتظار حسين جي ذريعي عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سندس زال جي آڱر جي فريڪچر بابت ميڊيڪل رپورٽ حقيقتن جي ابتڙ آهي.
درخواستگذار جو چوڻ هو ته سندس زال جي آڱر نه ٽٽي وئي، ان ڪري موجوده ميڊيڪل رپورٽ درست ناهي، ان جي ٻيهر جاچ ڪئي وڃي.
ٽڪ ٽاڪ عدالت کي استدعا ڪئي ته معاملي جي شفاف جاچ لاءِ نئون ميڊيڪل بورڊ ٺاهڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن.


