اداڪارا مومنه اقبال کي ڌمڪيون ۽ هراسان ڪرڻ جو خطرو، مريم نواز کان مدد جي اپيل

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا مومنه اقبال انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ڪيتري ئي عرصي کان مبينا طور تي آن لائن هراساني، سائبر بلنگ ۽ موت جي ڌمڪين کي منهن ڏئي رهي آهي. اداڪارا سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ دعويٰ ڪئي ته هوءَ ۽ سندس خاندان سياسي شخصيت سان لاڳاپيل شخص جي سخت ذهني دٻاءُ ۽ خوف کي منهن ڏئي رهيا آهن.

مومنه اقبال پنهنجي اداڪاري جي شروعات 2018ع ۾ ڊرامي ”پارلر ولي گلدي“ سان ڪئي، پنهنجي شاندار اداڪاري ۽ دلڪش اسڪرين تي موجودگيءَ سبب ٿوري ئي وقت ۾ شوبز انڊسٽري ۾ نمايان مقام حاصل ڪري ورتو. هن ”خدا اور محبت 3“، ”احد وفا“، ”سمجھوتا“، ”احسان فراموش“ ۽ ”دو ڪنار“ جهڙن ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن. خاص ڪري ”دو ڪنار“ ۾ سندس ناڪاري ڪردار ”درشاور“ کي ناظرين تمام گهڻو پسند ڪيو.

اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام ڪهاڻي ۾ لکيو ته مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ ايم پي اي طرفان کيس مسلسل آن لائن هراسان ڪيو پيو وڃي، ذهني تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. سندس چوڻ هو ته هن ڪيترائي ڀيرا اين سي آءِ اي، ايف آءِ اي ۽ پنجاب پوليس کي شڪايتون ڪيون پر سياسي اثر رسوخ سبب معاملي تي مناسب ڪارروائي نه ڪئي وئي.

مومنا اقبال وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته انصاف فراهم ڪرڻ بدران سندس شڪايتون دٻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ڪجهه بااثر حلقن مٿس دٻاءُ به وڌو ته معاملي کي لڪايو وڃي. اداڪارا موجب قانوني ڪارروائي جي ڪوشش ڪرڻ بعد سندس گهرواري کي به سنگين ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

هن لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي فوري طور تي جاچ ڪرائي سندس گهرڀاتين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ملوث جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. اداڪارا چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن معاملي کي نظرانداز ڪيو ويو ته هو پريس ڪانفرنس ڪندي سمورا ثبوت عوام آڏو پيش ڪندي.

مومنا اقبال پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز کي به اپيل ڪئي ته ان معاملي جو نوٽيس وٺي غير جانبداري ۽ قانوني ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته کيس اميد آهي ته اختيارن جو غلط استعمال ڪندڙ يا انصاف ۾ رڪاوٽ وجهندڙن خلاف بنا فرق ڪارروائي ڪئي ويندي.

اداڪارا جي پوسٽ سامهون اچڻ کانپوءِ مداحن ۽ صارفين جي وڏي انگ سوشل ميڊيا تي ساڻس يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. ڪيترن ئي صارفين حڪومتي ادارن ۽ لاڳاپيل اختيارين کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته عورتن کي هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪين کان بچائڻ رياست جي ذميواري آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment