UAE ۾ وڏو تنخواه وارو قانون، دير تي سخت ڪارروائي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


متحده عرب امارات ۾ حڪومت ملازمن کي بروقت پگهارن جي ادائيگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ نئون قانون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت خانگي ڪمپنيون هر مهيني جي پهرين ڏينهن تي پگهارون ادا ڪرڻ جون پابند هونديون.

يو اي اي جي محنت واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نئون قانون صرف خانگي شعبي جي ڪمپنين تي لاڳو ٿيندو، جڏهن ته سرڪاري ادارا ان پاليسي جي دائري ۾ شامل نه هوندا.

اختيارين موجب جيڪڏهن ڪا ڪمپني مقرر تاريخ کان پوءِ پگهار ادا ڪندي ته ان کي دير سمجهيو ويندو ۽ لاڳاپيل ڪمپني خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ان کان علاوه ڏنڊ ۽ ٻيا قانوني قدم به کنيا ويندا.

محنت واري وزارت واضح ڪيو ته ان قانون جو مقصد ملازمن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ پگهارن جي بروقت ادائيگي جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ آهي ته جيئن مزدورن کي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو نه پوي.

رپورٽن مطابق يو اي اي حڪومت مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ مختلف سڌارا متعارف ڪرائي چڪي آهي ۽ نئين پاليسي کي به ان ئي سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي قرار ڏنو پيو وڃي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته قانون خاص طور تي غير ملڪي مزدورن کي فائدو ڏيندو جيڪي خانگي ڪمپنين ۾ ملازم آهن ۽ وقت تي پگهارن تي منحصر آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment