نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) لاهور ثاقب چدر خلاف محترمه مومنه اقبال جي شڪايت تي سائبر هراسمينٽ، بليڪ ميل، فحش مواد جي اشاعت، غير قانوني نگراني ۽ موت جي ڌمڪين جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي.
دستاويزن موجب درخواستگذار جو چوڻ آهي ته جوابدار ثاقب چٺار شادي جي آڇ رد ٿيڻ بعد کيس هراسان ڪرڻ شروع ڪيو. شڪايت ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته جوابدار ڌمڪي وارا پيغام موڪليا، مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
شڪايت موجب عورت جي مبينا فحش وڊيوز ۽ خانگي معلومات مختلف ماڻهن سان شيئر ڪئي وئي جنهن سان سندس مرضي کان سواءِ سندس ذاتي زندگي ۽ شهرت متاثر ٿي. اين سي سي آءِ اي انڪوائري دوران شڪايت ڪندڙ ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا، جڏهن ته ڊجيٽل ثبوت، موبائيل فون ۽ ٻيا اوزار فرانزڪ جاچ لاءِ موڪليا ويا.
آفيسرن موجب، شروعاتي ٽيڪنيڪل تجزيي ۾ ڪجهه ثبوت سامهون آيا آهن جن جي بنياد تي پي سي اي ايڪٽ، 2016 (ترميمي 2025) ۽ ٻين لاڳاپيل قانونن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اين سي سي آءِ اي جو چوڻ آهي ته ڪيس جي مڪمل جاچ ميرٽ، ثبوت ۽ قانون تي ڪئي ويندي جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.


