پاڪستان ۾ معاشي بهتري ۽ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد ترقي جي نئين دور جو بنياد رکيو آهي.
هن سال ملڪ جي معاشي ترقي جي شرح 3.7 سيڪڙو رهي ۽ معيشت جو حجم 452 بلين ڊالرن تائين پهتو، صنعتي پيداوار ۾ به اضافو ٿيو ۽ وڏن ڪارخانن جي پيداوار ۾ 6.5 سيڪڙو اضافو ٿيو.
ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مالياتي خسارو صرف 0.7 سيڪڙو تائين محدود ٿي ويو آهي، جڏهن ته حڪومتي آمدني خرچن کان به وڌي وئي آهي، بهتر مالي انتظام جي ڪري حڪومت تقريبن 4 ٽريلين قرض جلد واپس ڪري ڇڏي آهي.
پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا به بهتر ٿي 17 بلين ڊالرن کان مٿي ٿي ويا آهن، پاڪستان ڪاميابيءَ سان 500 ملين ڊالرن جو يورو بانڊ جاري ڪرڻ کانپوءِ چئن سالن بعد عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ اعتماد بحال ڪيو.
سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان تحت 2 لک 97 هزار کان وڌيڪ ڪمپنين جي رڪارڊ رجسٽريشن مڪمل ٿي وئي، پاڪستان جي معيشت بهتري، استحڪام ۽ ترقي طرف وڌي رهي آهي ۽ دنيا جو اعتماد به بحال ٿي رهيو آهي.


