پاڪستان جي مشهور فلم ۽ ٽيليويزن اداڪار فيصل قريشي کي سندس شاندار فني خدمتن جي اعتراف ۾ لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو. سندس اعزاز ۾ ڪراچي ۾ شاندار خراج عقيدت جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شوبز انڊسٽري جي وڏين شخصيتن شرڪت ڪئي. آڊيٽوريم ون ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ لائف اسٽائل جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي سهڪار سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي فيصل قريشي جي ڪيريئر، ڪاميابين ۽ فني سفر تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ فنڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪري تقريب کي وڌيڪ رنگين بڻائي ڇڏيو. ان موقعي تي شوبز انڊسٽري جي ناليوارن فنڪارن جي موجودگي تقريب کي يادگار بڻائي ڇڏيو. شرڪت ڪندڙن ۾ ليجنڊ اداڪار مصطفيٰ قريشي، عدنان صديقي، بهروز سبزواري، همايون سعيد، صلاح الدين تنيو، شهزاد نواز، ڊائريڪٽر سعيد، گلوڪار فخر محمود، حنيف راجا، مرزا اشتياق بيگ، رومانيا جي قونصل جنرل تنوير شريف ۽ تنوير شريف جعفري شامل هئا. تقريب دوران موسيقيءَ جو شاندار پروگرام پڻ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ نامور گلوڪارن ميراب جيون، نرملا ميغاني، افشاں خان، شازيه ڪوثر ۽ شبانه ڪوثر پنهنجي سريلي آواز سان حاضرين کي خوب محظوظ ڪيو.
Source link

اداڪار فيصل قريشي ”لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ“ حاصل ڪري ورتو
Leave a Comment Leave a Comment

