اتر بيلجيم ۾ ٽريڪ پار ڪرڻ دوران ٻارن سان ڀريل هڪ اسڪول ميني بس تيز رفتار ٽرين سان ٽڪرائجي وئي.
عالمي خابرو اداري موجب اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن اسڪول بس روڊ کان ريلوي لائين جي متوازي طرف مڙي ۽ ليول ڪراسنگ ۾ داخل ٿي جيتوڻيڪ حفاظتي رڪاوٽون هيٺ هيون ۽ ريڊ سگنل تي هو.
مني بس اسڪول وڃي رهي هئي ته 90 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندي ٽرين سان ٽڪرائجي وئي. بس ۾ 7 ٻار، ڊرائيور ۽ هيلپر سوار هئا. ٽرين سان ٽڪر ايترو ته شديد هو جو مني بس جا پينل سڙي ويا.
حادثي جي نتيجي ۾ 12 ۽ 15 ورهين جا 2 ٻارڙا، 49 ورهين جو ڊرائيور ۽ 27 ورهين جو هيلپر موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻيا 5 ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
زخمي ٻارڙن جي حالت نازڪ آهي. مارجي ويلن جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. خوشقسمتيءَ سان ٽرين ۾ سوار ڪو به مسافر ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، پر هڪ شخص کي سخت ذهني صدمي جي ڪري علاج ڪيو ويو.
بيلجيم جي ٽرانسپورٽ واري وزير تصديق ڪئي ته حادثي وقت ريلوي ڪراسنگ تي رڪاوٽون هيٺيون هيون. هڪ نيٽ ورڪ ريل جي ترجمان چيو ته شروعاتي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ ڏيکاريو ته سگنل لال هو ۽ رڪاوٽون بند ڪيون ويون آهن.
ذريعن موجب ميني بس کي به بيريئر سان ٽڪرائجي ڏٺو ويو، جڏهن ته ٽرين کي روڪيو ويو ۽ ڊرائيور جي شراب جي ٽيسٽ ڪئي وئي، جيڪا ناڪاري آئي، جڏهن ته مني بس ڊرائيور جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي.


