منشيات جي راڻي انمول عرف پنڪي کي ڪٿي گرفتار ڪيو ويو؟ هڪ نئون انڪشاف سامهون آيو آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


شهر قائد ۾ منشيات اسمگلنگ جي الزام ۾ گرفتار عورت انمول عرف پنڪي جي ڪيس ۾ نئون انڪشاف سامهون آيو آهي، جنهن موجب جوابدار جي گرفتاري جو اصل هنڌ ڪراچي نه پر لاهور آهي.

واضح رهي ته ڪراچي پوليس گذريل ڏينهن گارڊن ويسٽ بلال آرڪيڊ فيز 2 جي هڪ فليٽ مان انمول عرف پنڪي جي گرفتاري جو انڪشاف ڪيو هو ۽ ايف آءِ آر ۾ اهو ئي پتو به داخل آهي.

جڏهن ته پوليس ذريعن موجب انمول عرف پنڪي کي مبينه طور تي ڳجهي ايجنسي هڪ هفتو اڳ لاهور جي صدر ڊويزن جي هڪ پوليس اسٽيشن جي حد مان ٽريس ڪري گرفتار ڪيو هو.

ٻڌايو پيو وڃي ته آپريشن دوران جديد ٽريڪنگ ڊيوائس جي مدد سان سندس هنڌ جو پتو لڳايو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور ۾ جوابدار جي گهر مان ڪروڙين روپين جي منشيات هٿ ڪئي وئي، جنهن ۾ مبينا طور تي منشيات فروشن ۾ ملوث هئي. اهو ئي گهر ڪرائي تي حاصل ڪيو ويو.

وڌيڪ رپورٽن مطابق انمول عرف پنڪي جي شادي اڳوڻي پوليس انسپيڪٽر سان ٿي هئي جنهن مبينا طور تي پنهنجي نالي تي صدر ڊويزن واري علائقي ۾ گهر ڪرائي تي ڏنو هو.

پوليس ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته جوابدار جو اصل منشيات سپلاءِ نيٽ ورڪ ڪراچي ۾ سرگرم هو پر لاهور ۾ سندس خلاف ڪڏهن به ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment