ڪراچي:
عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اڄ وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ سون جي في اونس قيمت ۾ 41 ڊالر جو اضافو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ نئين عالمي قيمت 4 هزار 701 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي.
عالمي منڊي ۾ 24 قيراط سون جو في تولو اگهه 4 هزار 100 رپيا وڌي ويو، نئين قيمت 4 لک 92 هزار 462 رپيا ٿي وئي.
اهڙي طرح مقامي سطح تي سون جي في 10 گرام جو اگهه 3 هزار 516 رپيا اضافي سان 4 لک 22 هزار 206 رپيا ٿي ويو.
ان کان علاوه چاندي جو في تولو اگهه 395 رپيا واڌ سان 8 هزار 906 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته في 10 گرام چاندي جو اگهه به 339 رپيا وڌي 7 هزار 637 رپيا ٿي ويو.


