ڪراچي ۾ پاڻي جو بدترين بحران جاري آهي، مختلف علائقن ۾ گذريل 6 ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي ۽ خدشو آهي ته شهر ۾ پاڻي جي فراهمي وڌيڪ 3 کان 4 ڏينهن تائين متاثر رهندي. ايڪسپريس نيوز موجب ڪراچي ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون سبب متاثر ٿيل پاڻي جي لائينن جي مرمت جو ڪم اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب شهر کي لکين گيلن پاڻي فراهم نه ٿي سگهيو آهي ۽ مختلف علائقن جا رهواسي پاڻي لاءِ اڃايل آهن. لاڳاپيل اختيارين طرفان لائينن جي مرمتي ڪم ۾ دير ٿيڻ سبب ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جتي 27 اپريل تي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب 3 پاڻي جون لائينون ڦاٽي ويون، جنهن بعد لائين نمبر 5 جي مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويو پر 6 ڏينهن گذرڻ باوجود لائين نمبر هڪ ۽ لائين نمبر ٻه جي مرمت جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، جنهن سبب مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي بند آهي. واٽر ڪارپوريشن جي ذريعن موجب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي لائينن جي مرمت جي ڪم دوران 7 پمپن تان شهر کي پاڻي فراهم نه ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري شهر ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ته لائينن جي مرمت جو ڪم آچر تائين مڪمل ٿي ويندو پر مرمت جو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد 24 ڪلاڪن بعد شهر ۾ پاڻي جي فراهمي معمول تي اچڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن تائين متاثر رهندي.
Source link

ڪراچي ۾ پاڻي جو بدترين بحران، وڌيڪ 4 ڏينهن پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي
Leave a Comment Leave a Comment

