مولانا ادريس شهادت؛ هٿياربند حملي آورن ريڪي ڪيئن ڪئي؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



چارسده جي مشهور مذهبي شخصيت، اڳوڻي ميمبر صوبائي اسيمبلي ۽ شيخ الحديث مولانا محمد ادريس ترنگزئي جي شهادت جي جاچ جاري آهي. جاچ ٽيم موجب مولانا ادريس تي حملي ۾ 9 ايم ايم پستول استعمال ڪيو ويو، هٿياربندن مولانا ادريس تي فائرنگ ڪئي، حملي ۾ ڪل 4 ڄڻا ملوث هئا. جاچ ٽيم موجب ٻن ڄڻن ريڪي ڪئي ۽ ٻين جي مدد ڪئي، گهر ۽ مدرسي جي وچ ۾ 2 ڪلوميٽر جو فاصلو هو، قبرستان ويجهو حملي آورن ريڪي ڪئي. جاچ ٽيم موجب، حملي جي مکيه جوابدار جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن مولانا محمد ادريس ترنگزئي قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو، سندس قتل جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي هئي. مولانا محمد ادريس تي فائرنگ جو واقعو چارسده ضلعي جي علائقي اتمانزئي ۾ پيش آيو. واقعي ۾ ٻه پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا. مولانا محمد ادريس درس حديث لاءِ دارالعلوم اتمانزئي وڃي رهيا هئا ته اهو واقعو پيش آيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment