پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه ۾ اختلاف جو معاملو سنگين بڻجي ويو جتي وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وچ ۾ پارلياماني گروپ جي واٽس اپ گروپ ۾ لفظي ڇڪتاڻ ٿي. علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ جي پارلياماني گروپ ۾ وڏي وزير محمد سهيل آفريدي جي پيغام جو جواب ڏنو، وڏي وزير سهيل آفريدي پارلياماني گروپ ۾ چيو هو ته پارٽي اندر ۽ ٻاهر جا ڪجهه عنصر حڪومت کي ڪمزور ڪري رهيا آهن، جنهن تي علي امين گنڊاپور جواب ڏنو ته اوهان ”ان جو، ان“ واري ڊائلاگ جو نالو ڇو نٿا وٺو. علي امين گنڊاپور چيو ته وڏي وزير کي غداري ۽ وفاداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جو اختيار اوهان وٽ ناهي، ڪير عمران خان وٽ آهي ۽ ڪير ناهي، اهو ثابت ڪيو عمل سان نه لفظن سان. هن چيو ته فيصلا ڪرڻ جو اختيار رڳو عمران خان وٽ آهي، هو ڳجهي طرح ملاقاتون ڪندو آهي ۽ اهڙا خطاب ڪنهن ٻئي کي ڏئي رهيو آهي. علي امين گنڊاپور وڏي وزير کي چيو ته جيڪي ذميداريون ڏنيون ويون آهن ان تي ڌيان ڏيو، اسان عمران خان کانسواءِ ڪنهن کي به نٿا مڃون.
Source link

پي ٽي آءِ ۾ اختلاف سنگين بڻجي ويا، سهيل آفريدي ۽ علي امين گنڊاپور ۾ اختلاف
Leave a Comment Leave a Comment

