فيفا ايراني فٽبال ٽيم کي آمريڪي ويزا جاري ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ايراني فٽبال ٽيم کي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ويزا ڏيڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي. ايراني اختيارين موجب فيفا جي صدر يقين ڏياريو آهي ته سمورن ايراني رانديگرن ۽ آفيسرن کي آمريڪا ۾ داخلا ويزا جاري ڪيا ويندا، جڏهن ته خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب ٽيم جي شرڪت بابت خدشا پيدا ٿي ويا آهن. ايراني راندين واري وزير احمد دنيا ملئي چيو آهي ته ورلڊ ڪپ جي ميزبان ملڪن جي ذميواري آهي ته هو سڀني شرڪت ڪندڙ ٽيمن کي ويزا فراهم ڪن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايراني ٽيم پرامن ماحول ۾ ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندي. رپورٽن مطابق ايراني ٽيم هاڻي ويزا ۽ سفري مسئلن کان بچڻ لاءِ آمريڪا بدران ميڪسيڪو جي سرحدي شهر ٽيجوانا ۾ رهندي. ميڪسيڪو جي صدر ڪلاڊيا شينبام به تصديق ڪئي آهي ته ايراني ٽيم کي ميڪسيڪو ۾ رهڻ جي اجازت ڏني ويندي. ايراني اسڪواڊ هن وقت ترڪي جي شهر انتاليا ۾ ٽريننگ ڪيمپ ۾ آهي، جڏهن ته ڪجهه رانديگرن انقره ۾ آمريڪي ويزا لاءِ درخواستون پڻ جمع ڪرايون آهن. واضح رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 11 جون کان شروع ٿيندو، جنهن ۾ ايران جون ٽيمون گروپ جي ۾ نيوزيلينڊ، بيلجيم ۽ مصر سان ميچون کيڏنديون.



Source link

Share This Article
Leave a Comment