اسلام آباد:
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ايڪسپريس نيوز موجب اسحاق ڊار خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين ۽ سفارتي لاڳاپن جي ضرورت تي زور ڏنو. اسحاق ڊار چيو ته موجوده مسئلن جي حل لاءِ مسلسل ڳالهيون ۽ رابطا ضروري آهن.
ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ سفارتي لاڳاپا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ايراني صدر ۽ پاڪستان جي وزيراعظم وچ ۾ اڄ ٽيليفونڪ رابطي تي به اتفاق ڪيو ويو، ٻنهي ملڪن جي قيادت خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ويجهن رابطن ۾ رهندي.


