اسرائيلي وزيراعظم اڱاري تي واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر سان ملاقات ڪندو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سومر تي واشنگٽن روانو ٿيندو جتي اڱاري تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان اهم ملاقات ڪندو.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسرائيلي وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيتن ياهو ۽ صدر ٽرمپ وچ ۾ ملاقات اڱاري تي ٿيندي، جڏهن ته ريپبلڪن سينيٽر لنڊسي گراهم جي جنازي نماز به ساڳئي ڏينهن منعقد ڪئي ويندي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيتن ياهو پنهنجي دوري دوران آمريڪي سينيٽر لنڊسي گراهم جي جنازي ۾ به شرڪت ڪندو. هن کي آمريڪي سياستدانن ۾ اسرائيل جو مضبوط حامي سمجهيو ويندو هو.

فيبروري جي آخر ۾ اسرائيلي وزيراعظم نتنياهو جي ايران سان جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اها پهرين سڌي ملاقات هوندي ۽ ايران سان تازي جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو ٻئي اڳواڻ آمهون سامهون ويهندا.

اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس اهو ناهي ٻڌايو ته نيتن ياهو آمريڪا جو دورو مڪمل ڪري ڪڏهن واپس اسرائيل پهچندو پر سفارتي حلقا خطي جي بدلجندڙ صورتحال جي تناظر ۾ ان ملاقات کي غير معمولي اهميت ڏئي رهيا آهن.

واضح رهي ته اسرائيلي اهلڪارن کي خدشو آهي ته ايران پنهنجي انتقامي ڪارروائين جو دائرو وسيع ڪندي اسرائيل کي سڌو سنئون نشانو بڻائي سگهي ٿو. ان حوالي سان اسرائيلي سيڪيورٽي ادارا هاءِ الرٽ آهن ۽ ممڪن خطرن جو مسلسل جائزو وٺي رهيا آهن.

ٽرمپ ۽ نيتن ياهو وچ ۾ ملاقات ۾ ايران جي صورتحال، علائقائي سلامتي، اسرائيل جي دفاعي ضرورتن، غزه جنگ، وچ اوڀر جي مجموعي صورتحال ۽ آمريڪا-اسرائيل اسٽريٽجڪ تعاون سميت ڪيترن ئي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو امڪان آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment