اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ماربل فيڪٽري کي رهائشي علائقن ۾ منتقل ڪرڻ ۽ آپريشن بابت ماحولياتي تحفظ ٽربيونل جي فيصلي خلاف داخل اپيل تي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس محمد اعظم خان ۽ جسٽس راجا انعام امين منهاس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ماحولياتي تحفظ ٽربيونل ۾ شڪايت ڪندڙ جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو.
شڪايت ڪندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اهي فيڪٽريون اين او سي کانسواءِ ڪم ڪري رهيون آهن، جسٽس اعظم خان پڇاڻو ڪيو ته اين او سي کانسواءِ ڪم ٿي رهيو آهي؟ سي ڊي اي ڇا ڪري رهي آهي؟ ماربل جا ڪارخانا ماحولياتي ۽ ٻي آلودگي جو سبب بڻجي رهيا آهن.
سي ڊي اي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ماحولياتي آلودگي بابت ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، عدالتي حڪم تي عملدرآمد لاءِ ڊي جي انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي کي خط لکيو ويو آهي.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواست تي فيصلو بغير ڪنهن ثبوت جي ڪيو ويو. وڪيل موجب سول ايڪشن هڪ شهري جي درخواست تي داخل ڪيو ويندو آهي، فوجداري نه.
جسٽس انعام امين منهاس رمارڪس ڏنا ته ڪهڙي ثبوت جي ضرورت آهي ته يونٽ لڳايا ويا؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڌانڌلي جو ڪو به ثبوت ناهي ڏنو ويو.
جسٽس انعام امين منهاس رمارڪس ڏنا ته توهان ثابت ڪيو ته ماربل يونٽن مان آلودگي ناهي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته وٽس رپورٽ آهي ته يونٽن مان آلودگي ناهي ٿي.
جسٽس اعظم خان پڇاڻو ڪيو ته هڪ سوال جو جواب ڏيو ته اها فيڪٽري مقرر ٿيل جاءِ تي آهي؟ درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جڏهن هي فيڪٽري قائم ٿي ته اها رهائشي علائقو نه هئي، سي ڊي اي ماربل فيڪٽرين لاءِ ڪا به جاءِ مختص نه ڪئي.
جسٽس اعظم خان رمارڪس ڏنا ته توهان اهو چوڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو ته يونٽ رهائشي علائقن ۾ به لڳائي سگهجن ٿا؟ درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سيڪٽر سي 17 ۾ خانگي شهر آباد ڪرڻ سبب اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، سرڪاري روڊ تي حددخليون ڪيون ويون آهن.
جسٽس انعام امين منهاس رمارڪس ڏنا ته توهان پنهنجو ڪيس وٺي اچو، اهو ماحول جو معاملو آهي، ڪيس ڪيڏانهن وٺي رهيا آهيو؟ عدالت هدايت ڪئي ته ٽربيونل ۾ ڏنل ثبوتن بابت تفصيلي دليل ايندڙ ٻڌڻي تي ڏنا وڃن، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.


