اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي انتظامي ڪميٽي ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي انتظامي ڪميٽي ۾ اهم تبديليون ڪيون ويون آهن، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهي ڪندو. نوٽيفڪيشن موجب جسٽس ارباب محمد طاهر هاڻي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو حصو نه رهيو آهي، جسٽس ارباب محمد طاهر جي جاءِ تي جسٽس انعام امين منہاس مقرر ڪيو ويندو. جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس اعظم خان اڳ ۾ ئي ڪميٽي جا ميمبر آهن. چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي منظوري سان رجسٽرار هاءِ ڪورٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. انتظامي ڪميٽي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا سمورا انتظامي فيصلا ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment