پاڪستان سان افغانستان جي سرحد جي بندش افغان معيشت کي سخت متاثر ڪري رهي آهي.
ڀارتي ميڊيا دي جرنل-ويو موجب پاڪستان سان سرحدي رستن جي بندش کانپوءِ افغان خشڪ ميوو جا واپاري سخت بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن.
پاڪستان سان سرحدي رستن جي بندش سبب افغانستان کان ٻاهرين ملڪن تائين خشڪ ميوي جي سپلاءِ سخت متاثر ٿي آهي. افغان واپارين موجب بارڊر بند ٿيڻ سبب گودامن ۾ موجود هزارين ٽن خشڪ ميوو خراب ٿي رهيو آهي.
افغان واپاري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سرحدي روڊ نه کوليا ويا ته افغانستان ۾ خشڪ ميوي جو واپار ختم ٿي ويندو.
آمريڪي جرنل ريڊيو فري يورپ موجب پاڪستان-افغان سرحد جي بندش افغان مريضن، واپارين ۽ عام شهرين کي سخت ڏکيائيون پيش آيون آهن. افغان ميڊيا افغانستان انٽرنيشنل موجب سرحد جي بندش سبب سامان سان ڀريل ٽرڪون بارڊر تي بيهي رهيون، سامان خراب ٿي رهيو آهي ۽ ڊرائيورن کي ڏنڊ وڌو ويو آهي.


