بئنڪاڪ جي نائيٽ ڪلب ۾ خوفناڪ باهه، 27 ڄڻا سڙي فوت، ڪيترائي زخمي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


بئنڪاڪ، ٿائيلينڊ:

ٿائيلينڊ جي راڄڌاني بئنڪاڪ جي مشهور نائيٽ ڪلب ۾ باهه لڳڻ سبب 27 ڄڻا سڙي فوت ۽ 63 زخمي ٿي پيا.

اختيارين موجب، اتر بئنڪاڪ جي نا لاڊپراو پب ۾ رات دير سان باهه لڳي، جنهن سڄي عمارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

ريسڪيو اهلڪارن عمارت اندران ڪيترائي لاش ڪڍيا جڏهن ته زخمين کي فوري طور تي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو.

ٿائي وزيراعظم انوتان چران ورڪل واقعي واري هنڌ جو دورو ڪندي ٻڌايو ته شروعاتي اطلاعن موجب هڪ موسيقار پرفارم ڪري رهيا هئا ته باهه لڳڻ کان اڳ اسٽيج جي ويجهو سرڪٽ بريڪر مان دونھون نڪرندو هو، جنهن کانپوءِ بجلي هلي وئي ۽ اوچتو ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته باهه پکڙجڻ بعد دونھون تيزي سان پب اندر ڀرجي ويو جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو ٻاهر نه نڪري سگهيا. اڪثر لاش پب جي پوئين پاسي ۽ واش رومز ۾ مليا هئا.

واقعي جي وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عمارت مان تيز شعلا بلند ٿي رهيا هئا جڏهن ته امدادي ٽيمون ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مصروف آهن. فائر برگيڊ عملي 30 منٽن جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو.

باهه لڳڻ کانپوءِ پب جي اندرين حصي کي سخت نقصان پهتو، جتي سڙيل ٽيبل، ڪرسي ۽ ٻيو سامان سڙي ويل حالت ۾ نظر آيو. اختيارين واقعي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment