فيفا ورلڊ ڪپ: ٽيمن جو انگ 48 مان وڌائي 64 ڪرڻ تي غور ڪري سگهجي ٿو: گياني انفنٽينو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



فيفا جي صدر گياني انفنٽينو چيو آهي ته مستقبل ۾ فيفا ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ ٽيمن جو انگ 48 مان وڌائي 64 ڪرڻ تي غور ڪري سگهجي ٿو ته جيئن دنيا جي وڌيڪ ملڪن کي هن عالمي ايونٽ ۾ شرڪت جو موقعو ملي سگهي. هڪ پرڏيهي نشرياتي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ فيفا جي صدر گياني انفنٽينو چيو ته 64 ٽيمن تي ٻڌل ورلڊ ڪپ جي تجويز تي فيفا جون لاڳاپيل ڪميٽيون غور ڪنديون. هن چيو ته ورلڊ ڪپ رڳو يورپ ۽ ڏکڻ آمريڪا لاءِ نه پر سڄي دنيا لاءِ آهي، تنهن ڪري هر ملڪ کي ان ايونٽ ۾ شرڪت جو خواب ڏسڻ جو موقعو ملڻ گهرجي ۽ ان کي پورو ڪرڻ گهرجي. فيفا صدر موجب سڄي دنيا ۾ فٽبال جو معيار مسلسل بهتر ٿي رهيو آهي پر جيڪڏهن ننڍن ملڪن کي ورلڊ ڪپ جهڙي وڏي ايونٽ ۾ کيڏڻ جو موقعو نه مليو ته انهن جي ترقي جي رفتار به متاثر ٿي سگهي ٿي. گياني انفنٽينو 2026 فيفا ورلڊ ڪپ ۾ پهريون ڀيرو 48 ٽيمن جي شموليت کي 100 سيڪڙو ڪامياب قرار ڏيندي چيو ته سمورن براعظمن جي ٽيمن سٺي راند کيڏي ۽ وڌيڪ ملڪن جي شرڪت به عالمي سطح تي فٽبال جي فروغ ۾ وڏي مدد ڪئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment