ايران جي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي تصديق، ميزبان ملڪن اڳيان شرط رکيا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ايران فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ شرڪت جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٽيم ٽورنامينٽ ۾ ضرور شرڪت ڪندي پر ميزبان ملڪن آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو کي ايران جا تحفظات دور ڪرڻ گهرجن. ايراني فٽبال فيڊريشن موجب وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ تازي سياسي ڇڪتاڻ سبب ٽيم جي شرڪت جا خدشا هئا پر هاڻي فيصلو ڪيو ويو آهي ته ايران ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندو. ايراني فٽبال فيڊريشن جي صدر مهدي تاج چيو آهي ته ايران ميزبان ملڪن لاءِ 10 شرط رکيا آهن، جن ۾ رانديگرن ۽ آفيسرن لاءِ بنا رڪاوٽ ويزا، قومي جهنڊي ۽ ترانو جو احترام ۽ ٽيم جي مڪمل سيڪيورٽي شامل آهن. ايران خاص طور تي انهن رانديگرن لاءِ ويزا جي مسئلن جي نه هجڻ جي يقين ڏياريو آهي جيڪي ماضي ۾ ايران جي انقلابي گارڊز سان ڳنڍيل هئا، جن ۾ مهدي ترمي ۽ احسان شامل آهن. فيفا صدر انفنٽينو اڳ ۾ ئي واضح ڪري چڪو آهي ته آمريڪا ۾ ايران جون ميچون شيڊول موجب ٿينديون. ايران کي گروپ جي ۾ نيوزيلينڊ، بيلجيم ۽ مصر سان گڏ رکيو ويو آهي، ٽيم پنهنجي پهرين ميچ 15 جون تي لاس اينجلس ۾ کيڏندي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment