اسلام آباد:
دعويٰ ڪئي وئي آهي ته افغان طالبان طرفان فتنا الخوارج جي سرپرستي جا ناقابل ترديد ثبوت سامهون آيا آهن، جنهن موجب ان گروپ کي افغان سرزمين تي محفوظ پناهگاهون ڏنيون پيون وڃن ۽ پاڪستان ۾ دراندازيءَ جي سهولت پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي.
سڪيورٽي ذريعن موجب اها ڳالهه واضح ٿي رهي آهي ته افغان طالبان فتنا خوارج کي پاڪستان خلاف ”اسٽريٽجڪ اثاثو“ طور استعمال ڪري رهيا آهن.
رپورٽن مطابق ڪنڙ صوبي مان فتنا الخوارج جي ڪمانڊر عبدالحميد خراساني جي هڪ خطرناڪ وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هو پاڪستان خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏئي رهيو آهي.
وڊيو پيغام ۾ عبدالحميد خراساني جو چوڻ آهي ته سندس اڪثر ويڙهاڪ علائقي ۾ آهن ۽ پاڪ فوج کي جواب ڏيڻ جي حڪم جو انتظار ڪري رهيا آهن. هن افغان قيادت جي دفاع کي سمورن ويڙهاڪن ۽ افغان عوام تي لازمي قرار ڏنو.
ماهرن موجب فتني الخوارج جي ڪمانڊرن جو افغان طالبان جي حڪمن آڏو پيش ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته افغان طالبان ان گروپ جي حمايت ڪري رهيا آهن.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان بار بار عالمي فورمن تي افغان سرزمين تان دهشتگردي جا ٺوس ثبوت پيش ڪري چڪو آهي، جنهن سان انهن عنصرن جا ناپاڪ ارادا بي نقاب ٿي ويا آهن.
ماهرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته افغانستان ۾ فتنا الخوارج جي موجودگي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿي ته پاڪستان جو آپريشن خدابحق وقت جي ضرورت ۽ مڪمل طور تي جائز قدم آهي.


