ايران آبنائے هرمز ۾ آمريڪي بحريه جي جنگي جهاز کي ميزائل حملن جي هڪ وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي.
ايراني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آمريڪي بحريه جي هڪ ڊسٽرڪٽ جهاز کي خبردار ڪيو ويو هو ته هو بغير اجازت جي آبنائے هرمز ۾ غير قانوني طور داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي جهاز وارننگ شاٽ ۽ ريڊيو وارننگ کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ۽ آبنائے هرمز ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش جاري رکي، جتي ان کي ميزائل حملي جو نشانو بڻايو ويو.
ايراني فوج موجب حملن جي نتيجي ۾ آمريڪي نيوي ڊسٽرڪٽ آبنائے هرمز ۾ پنهنجو سفر روڪي ڇڏيو ۽ کيس پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو ويو.
ٻئي طرف سينٽ ڪام ايراني دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته آبنائي هرمز ۾ ڪنهن به آمريڪي جهاز تي حملو نه ڪيو ويو، پر ٻه آمريڪي جھنڊي وارا ڪمرشل جهاز آبنائي هرمز پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
ايران جي پاسداران انقلاب آمريڪي دعويٰ کي اڇو ڪوڙ ۽ بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪو به آمريڪي جهاز آبنائي هرمز مان گذري نٿو سگهي.
ان دوران صدر ٽرمپ فاڪس نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ايران آبنائے هرمز ۾ آمريڪي جهازن کي روڪيو يا فريڊم پروجيڪٽ ۾ رڪاوٽون وجهون ته اهو دنيا جي نقشي تان صفا ٿي ويندو.


