ايران تي آمريڪا جا نوان حملا، ايران جو جوابي حملو، ڪويت، لبنان ۽ نار ۾ هاءِ الرٽ

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري وئي آهي، جڏهن ته خطي ۾ وڏي جنگ جو خدشو وڌي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا آبنائے هرمز ويجهو ايراني فوجي تنصیبات تي نوان حملا ڪري ڇڏيا آهن، ٻئي طرف ايران آمريڪي ڪارروائي جي جواب ۾ حملي جي دعويٰ ڪئي آهي.

آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي فورسز ايران جي ڏاکڻي شهر بندر عباس جي ويجهو فوجي اڏي کي نشانو بڻايو. آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته اهو قدم آبنائے هرمز ۾ آمريڪي فوجن ۽ بحري ٽريفڪ کي درپيش خطرن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو.

ايراني ميڊيا موجب آمريڪي حملي ۾ ڪنهن به جاني يا وڏو مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا، جڏهن ته ايراني پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته جوابي ڪارروائي ۾ آمريڪي ايئر بيس کي نشانو بڻايو ويو. ايراني فوج خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي جارحيت جاري رهي ته ان کان به وڌيڪ سخت جواب ڏنو ويندو.

ٻئي طرف ڪويت جي فوج اعلان ڪيو آهي ته سندس هوائي دفاعي نظام دشمن جي ميزائلن ۽ ڊرونز کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. ڪويتي اختيارين واضح ناهي ڪيو ته حملو ڪٿي ڪيو ويو، پر علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب سيڪيورٽي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.

ان دوران اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان جي سمورن شهرين کي فوري طور علائقي مان نڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسرائيلي فوج زهراني نديءَ جي ڏکڻ وارن سمورن علائقن کي جنگي علائقو قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ماڻهن کي اتر طرف وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.

بين الاقوامي امدادي تنظيمن ڏکڻ لبنان جي صورتحال کي تباهه ڪندڙ قرار ڏنو آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته مسلسل حملن ۽ زميني ڪارروائين سان انساني بحران سنگين ٿي سگهي ٿو.

ان دوران آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ۽ ممڪنه معاهدي بابت بيانن ۾ به تضاد سامهون آيا آهن.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪيو آهي ته ايران سان امڪاني معاهدي جي بدلي ۾ پابنديون نرم نه ڪيون وينديون، جڏهن ته ايراني عملدار ڳالهين بابت محتاط بيان ڏئي رهيا آهن.

عالمي مبصرن موجب آبنائے هرمز، لبنان ۽ نار جي علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ نه رڳو وچ اوڀر پر عالمي معيشت ۽ تيل جي فراهمي لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment