ايران تي حملي لاءِ نئين اختيارن تي ٽرمپ کي بريفنگ ڏيڻ ، ڇا وڏي عمل جو امڪان آهي؟

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي اڄ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ڪمانڊر بريڊ ڪوپر پاران ايران خلاف ممڪن نئين فوجي آپشنز بابت اهم بريفنگ ڏني ويندي. اهو انڪشاف هڪ آمريڪي اخبار جي رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب بريفنگ ۾ مختلف آپشنز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، جنهن ۾ مختصر مگر شديد فوجي ڪارروائي، آبنائے هرمز ۾ بحري ڪنٽرول کي مضبوط ڪرڻ ۽ ايران جي افزوده يورينيم جي ذخيرن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ممڪن خفيه اسپيشل فورسز مشن شامل آهن.

ذريعن موجب صدر ٽرمپ هن وقت ايران تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ بحري بندش کي ترجيح ڏئي رهيو آهي ته جيئن تهران کي ڳالهين ۾ نرمي لاءِ مجبور ڪيو وڃي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ايران طرفان گهربل رعايتون نه ڏنيون ويون ته آمريڪا سخت فوجي قدمن تي به غور ڪري سگهي ٿو.

آمريڪي اخبار موجب اهي سمورا آپشن خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ تيار ڪيا پيا وڃن، جتي هڪ طرف سفارتي ڪوششون جاري آهن ته ٻئي طرف فوجي تياريون تيز ڪيون پيون وڃن.

ماهرن موجب آبنائي هرمز ۾ ڪنهن به قسم جي فوجي سرگرمي عالمي تيل جي فراهمي ۽ عالمي واپار تي وڏو اثر وجهي سگهي ٿي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment