ايران گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو آهي ته آمريڪا کي ان جي غيرقانوني عملن جو احتساب ڪيو وڃي ۽ عالمي ادارو ان حوالي سان اثرائتي ۽ فيصلائتي قدم کڻي. گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي امير سعيد ايرواني سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کانپوءِ چيو آهي ته آمريڪا پنهنجي غير قانوني عملن جي سمورن قانوني ۽ سياسي نتيجن جو مڪمل ذميوار آهي. هن چيو ته گڏيل قومن کي آمريڪا جي مبينا غيرقانوني جارحيت کي روڪڻ لاءِ اثرائتا ۽ فيصلائتو قدم کڻڻ گهرجن ۽ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائڻ گهرجي ته واشنگٽن پنهنجي عالمي ذميوارين جي مڪمل پاسداري ڪري. ايراني نمائندي چيو ته عالمي برادري کي عالمي قانونن جي تعميل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهو بيان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ آبنائے هرمز ۾ تازين حملن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کانپوءِ سامهون آيو آهي.
Source link

ايران جو گڏيل قومن کان آمريڪا جو احتساب ڪرڻ جو مطالبو، عالمي ادارا فيصلا ڪن
Leave a Comment Leave a Comment

