ايران جي صورتحال تي واشنگٽن ۾ اهم ملاقات، فيلڊ مارشل سان ٽرمپ جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه آمريڪي ميڊيا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت هيٺ وائيٽ هائوس جي سٽيزن روم ۾ اهم اجلاس ٿيو. آمريڪي ميڊيا موجب صدر ٽرمپ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايرانين سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اجلاس ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو، سيڪريٽري آف وار پيٽ هيگسٿ، سيڪريٽري خزاني اسڪاٽ بيسنٽ ۽ وائيٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف سوزي وائلز شرڪت ڪئي. ان کان علاوه آمريڪي صدر جو خاص نمائندو اسٽيو وٽڪوف، سي آءِ اي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران صدر ٽرمپ پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ايراني اختيارين سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ موجوده صورتحال ۽ امڪاني اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ آبنائے هرمز جي تازي صورتحال ۽ ايران سان جاري ڳالهين جي مستقبل تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب نائب صدر جي ڊي وينس اسلام آباد ۾ ٿيل تازي ڳالهين ۾ آمريڪي وفد جي اڳواڻي به ڪري سگهي ٿو. واضح رهي ته آمريڪا-ايران جنگ بندي جو 15 ڏينهن وارو مدو ختم ٿيڻ ۾ صرف ٽي ڏينهن باقي آهن. صدر ٽرمپ اڳ ۾ هن هفتي ممڪن ڊيل جي اميد ظاهر ڪئي آهي، پر ڳالهين لاء نئين تاريخ اڃا تائين اعلان نه ڪيو ويو آهي. آمريڪا جي هڪ اعليٰ عهديدار خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻيهر ڇڪتاڻ ۽ جنگ جو خطرو وڌي سگهي ٿو. ٻئي طرف وائيٽ هائوس طرفان هن اهم ملاقات جي حوالي سان اڃا تائين ڪو به باضابطه بيان جاري ناهي ڪيو ويو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment