آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته ايران سان امڪاني معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳي سگهن ٿا، جڏهن ته آمريڪي فورسز ڏکڻ ايران ۾ نون حملن جي دعويٰ ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ڀارت جي شهر جئپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايران سان قطر ۾ ڳالهيون جاري آهن ۽ ٻنهي طرفن وچ ۾ شروعاتي دستاويز جي ٻولي ۽ نقطن تي مسلسل ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي.
مارڪو روبيو چيو ته آمريڪي صدر ڊيل ڪرڻ چاهي ٿو پر رڳو اهڙي ڊيل ڪئي ويندي جيڪا آمريڪا جي مفادن مطابق هجي. هن واضح ڪيو ته آبنائي هرمز کي هر صورت ۾ کليل رهڻ گهرجي ڇو ته عالمي واپار ۽ توانائي جي منتقلي لاءِ ان جي اهميت تمام گهڻي آهي.
ٻئي طرف آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فورسز ڏکڻ ايران ۾ ميزائل لانچنگ سائيٽس ۽ بارودي سرنگون رکڻ وارين ٻيڙين کي نشانو بڻايو. آمريڪي عملدارن موجب اهي ڪارروايون پنهنجي سپاهين جي بچاءَ لاءِ ڪيون ويون.
آمريڪي فوج جي بيان موجب حملن ۾ انهن هنڌن کي نشانو بڻايو ويو جتان مبينه طور تي آبنائے هرمز ۾ بارودي سرنگون نصب ڪيون پيون وڃن.
ايران جي سرڪاري ميڊيا بندر عباس جي ويجهو ڌماڪي جي خبر ڏني آهي، پر ايراني حڪومت هن وقت تائين آمريڪي دعوائن جي تصديق يا ترديد نه ڪئي آهي.
ٻئي طرف قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ ايراني ڳالهين ۽ ٻين عملدارن وچ ۾ ڳالهين جو هڪ نئون دور جاري آهي.
رپورٽن مطابق ڳالهين ۾ آبنائے هرمز، جنگ بندي ۾ واڌ، ايران پاران افزوده ڪيل يورينيم جي ذخيري ۽ منجمد ايراني فنڊن جي بحالي جهڙا اهم معاملا غور هيٺ آهن.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايٽمي پروگرام تي تفصيلي ڳالهيون شروع نه ٿينديون جيستائين شروعاتي فريم ورڪ معاهدي تي اتفاق نه ٿي وڃي.
ياد رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب تيل جي عالمي مارڪيٽ، نار خطي ۽ عالمي واپار تي گهرا اثر پئجي رهيا آهن، جڏهن ته عالمي برادري سفارتي حل لاءِ ڪوششون جاري رکي رهي آهي.


