پاڪستان ٽيم ون ميزبان ملائيشيا کي شڪست ڏئي ٽين ايشين ڊبل اسڪواش چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچي وئي.
رپورٽن مطابق ملائيشيا جي شهر سارواڪ ۾ جاري ٽين ايشين ڊبل اسڪواش چيمپيئن شپ جي سيمي فائنل ۾ ورلڊ انڊر 23 چيمپيئن نور زمان ۽ اڳوڻي قومي چيمپيئن ناصر اقبال ملائيشيا کي 25 منٽ جي مقابلي بعد 0-2 تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو.
هميشان راجچندرن ۽ جوا چام چوها تي مشتمل ناڪام ٽيم جي خلاف پهرين گيم 8-11 تان کٽڻ بعد پاڪستان ٻي گيم ۾ پڻ 5-11 تان ڪاميابي حاصل ڪري ٽرافي تي پنهنجون نظرون رکيون.
پاڪستان گذريل سال چيمپيئن شپ ۾ سلور ميڊل کٽيو هو.
ٻئي طرف اڳوڻي ورلڊ جونيئر چيمپيئن محمد حمزه خان ۽ انٽرنيشنل رانديگر محمد عاصم خان تي مشتمل پاڪستاني ٽيم ٻن ميچ جي صرف 13 منٽن کانپوءِ سنگاپور کي 0-2 تان شڪست ڏئي چيمپيئن شپ ۾ پنجين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان اسڪواش فيڊريشن جو اعزازي سيڪريٽري ايئر ڪموڊور رٽائرڊ عامر نواز ٽيم مئنيجر ۽ اڳوڻو انٽرنيشنل رانديگر فهيم گل ڪوچ جي ذميواري سنڀالي رهيو آهي.


