ڪراچي جي سلطان آباد هجرت ڪالوني ۾ 4 ٻارن جي پيءُ بيروزگاري ۽ بيماريءَ کان تنگ اچي پنهنجي گلي ۾ ڦوڙو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي.
حادثي جو اطلاع ملڻ تي ريسڪيو رضاڪارن واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو، جتي سندس سڃاڻپ 48 ورهين جي پپو طور ٿي.
ايس ايڇ او سول لائن جاويد اقبال موجب شروعاتي اطلاعن ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته مقتول بيروزگاري ۽ بيماري کان تنگ اچي پنهنجي گلي ۾ ڦاٿل ڦاسي آپگهات ڪئي آهي.
پوليس قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.


