پاڪستاني يوٽيوب رجب بٽ جي زال ايمان رجب پنهنجو پاڻ کي عميره احمد جي مشهور ناول ’پيرِ ڪامل‘ جي مشهور ڪردار سالار سڪندر سان ڀيٽ ڪندي سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ايمان رجب سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته توهان مون کي سالار سڪندر جو في ميل ورجن سڏي سگهو ٿا، ڇاڪاڻ ته مون کيس اهو پيار ڏنو آهي جيڪو مان پاڻ کانئس حاصل ڪرڻ چاهيان ٿي.
هي پوسٽ هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن ايمان رجب ۽ سندس مڙس مشهور وولاگر رجب بٽ گذريل ڪجهه مهينن کان ڌار ٿيڻ جي افواهن، طلاق جي نوٽيس ۽ صلح جي خبرن سبب خبرن ۾ آهن.
ايمان جي ان پوسٽ تي سوشل ميڊيا صارفين سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. ڪيترن ئي صارفين جو چوڻ هو ته سالار سڪندر جهڙي يادگار ادبي ڪردار کي هن طرح حوالي ڪرڻ نامناسب آهي.
هڪ صارف مٿس تنقيد ڪندي چيو ته سالار سڪندر ڪڏهن به اهڙي ڳالهه ناهي ڪئي. جڏهن ته ٻين سڄي معاملي کي ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو.


