آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايراني تيل برآمدات جي اهم مرڪز خارگ ٻيٽ تي حملي جي خطري تي ايران چيو آهي ته توهان اچو، اسان توهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون.
ميڊيا رپورٽن موجب ايران تي آمريڪي حملن جي جواب ۾ ايران بحرين ۽ ڪويت ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو آهي، جڏهن ته اعلان ڪيو آهي ته تهران ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ لاءِ مڪمل تيار آهي.
ٽرمپ جي بيان تي رد عمل ڏيندي ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميشن جي ترجمان ابراهيم رضائي آمريڪي ڌمڪي کي سخت لفظن ۾ رد ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته اچو، اسان توهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون. خارگ ٻيٽ جي خلاف ڪنهن به ممڪن فوجي ڪارروائي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
ٻئي طرف عراقچي چيو ته جارحاڻي بيان بازي ڪڏهن به ايراني قوم جي وقار يا لچڪ کي گهٽائي نه سگهندي.
واضح رهي ته آمريڪا جي نئين حملن ۽ الزامن کانپوءِ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي. ٽرمپ پنهنجي حملن کي صحيح قرار ڏيندي چيو ته آمريڪي حملا ايران طرفان آبنائے هرمز ۾ واپاري جهازن کي نشانو بڻائڻ جي جواب ۾ ڪيا ويا.


