جڏهن ته شهرين جي اڪائونٽ مان 28 لک کان وڌيڪ رقم ڪڍي وئي ته بئنڪ طرفان بروقت ڪوبه پيغام يا الرٽ نه آيو.
اسلام آباد جي ايف آءِ اي ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل هڪ خانگي بئنڪ جي شڪايت تي اثرانداز ڪارروائي ڪندي متاثر شهري کان مڪمل رقم واپس ورتي.
شڪايت ڪندڙ ايف آءِ اي کي ٻڌايو ته 15 کان 16 نومبر جي وچ ۾ سندس اڪائونٽ مان 28 لک 39 هزار 500 رپيا مختلف آءِ بي ايف ٽيز ذريعي ڪڍيا ويا ۽ سندس مرضي کانسواءِ سڌي طرح ادائيگيون ڪيون ويون.
شهرين کي ان فراڊ جي بروقت خبر نه پئجي سگهي جنهن سبب بينڪ طرفان موبائل تي مٿين ٽرانزيڪشن بابت ڪو به الرٽ نه مليو. شڪايت تي ايف آءِ اي جاچ شروع ڪندي بينڪ عملدارن کان لاڳاپيل رڪارڊ طلب ڪري ورتو.
مڪمل جاچ ۽ ثبوتن جي روشني ۾ بينڪ انتظاميا کي ذميوار قرار ڏيندي متاثر شهري جي سموري رقم 28 لک 39 هزار 500 رپيا خانگي بئنڪ مان واپس وٺي شڪايت ڪندڙ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪري ڇڏيا.
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته شهرين کي مالي ۽ بينڪنگ فراڊ کان آگاهه رهڻ گهرجي. ڪنهن به شڪي ٽرانزيڪشن يا فراڊ جي صورت ۾ فوري طور تي ايف آءِ اي سان رابطو ڪريو.


