پاڪستان جي اسٽار بيٽسمين بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي 100هين اڌ سينچري مڪمل ڪري هڪ ٻيو اهم سنگ ميل عبور ڪري ورتو. پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم اهو ڪارنامو ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف ميچ ۾ ڪيو، جتي هو 71 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ پشاور زلمي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان کان اڳ بابر اعظم پاڪستان سپر ليگ ۾ 4000 رنسون مڪمل ڪري پي ايس ايل جي تاريخ ۾ 4000 رنسون مڪمل ڪندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو. هن اهو سنگ ميل 104 ميچ کيڏندي حاصل ڪيو. بابر اعظم پي ايس ايل ۾ ٽن مختلف ٽيمن جي نمائندگي ڪري چڪو آهي جن ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ، ڪراچي ڪنگز ۽ پشاور زلمي شامل آهن. هر ٽيم لاءِ کيڏندي هن پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان ڪرڪيٽ جي مداحن کي متاثر ڪيو.
Source link

بابر اعظم هڪ ٻيو اهم سنگ ميل عبور ڪيو
Leave a Comment Leave a Comment

