بالي ووڊ اداڪاره اين هيٿ وي کي قرآن پاڪ جو تحفو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


مشهور هالي ووڊ اداڪارا اين هيٿ وي هڪ ڀيرو ٻيهر مداحن جي توجه جو مرڪز بڻجي وئي، جڏهن لنڊن ۾ هڪ تقريب دوران هڪ مداح کيس قرآن پاڪ جو تحفو پيش ڪيو، جنهن تي اداڪارا خوشگوار حيرانگي ۽ مسڪراهٽ سان شڪريو ادا ڪيو.

تقريب دوران اين هيٿا وي پنهنجي مداحن لاءِ آٽوگرافس سائن ڪري رهي هئي ته هڪ مداح اڳتي وڌيو ۽ کيس قرآن پاڪ پيش ڪيو. مداح جو چوڻ هو ته جڏهن هن هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا کي ”انشاءَ الله“ چوندي ٻڌو هو ته هن ذهن ۾ ٺهرايو هو ته جيڪڏهن اهي ملن ته هي مقدس ڪتاب ضرور تحفي ۾ ڏيندو.

اداڪارا نه رڳو تحفو قبول ڪيو پر مداح سان گڏ هڪ تصوير به ورتي، جيڪا سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.

ياد رهي ته اين هيٿ وي جي هڪ وڊيو به گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ عالمي سطح تي مقبول ٿي هئي، جنهن ۾ هن مستقبل بابت ڳالهائيندي انشا الله جو جملو استعمال ڪيو هو. ان انٽرويو ۾ هن چيو ته وڏي ڄمار ٿيڻ کان نه ڊڄڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي هر مرحلي جو پنهنجو حسن هوندو آهي ۽ هوءَ پاڻ به هڪ ڊگهي ۽ صحتمند زندگي گذارڻ جي خواهشمند آهي.

پنهنجي ڪيريئر ۾، اين هيٿ ويءَ مشهور فلمن جهڙوڪ دي پرنسز ڊائري، دي ڊيول ويرز پراڊا ۽ ليس ميزربلز ۾ ڪم ڪيو آهي، ۽ آسڪر سميت ڪيترائي وڏا ايوارڊ کٽي چڪو آهي. ان تازي واقعي کانپوءِ هوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر مداحن جي محبت ۽ توجه جو مرڪز بڻجي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment