بحريه سڌارن بابت وزيراعظم جي ٽاسڪ فورس شاندار نتيجا حاصل ڪيا آهن.
وزيراعظم جي ٽاسڪ فورس تحت سڌارن تي عملدرآمد ڪميٽي ڊسمبر 2024ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، سڌارن تي عملدرآمد ڪميٽي ۾ دفاع واري وزارت، بحريه ۽ لاجسٽڪ شعبن جا ماهر ۽ اين ايل سي سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شامل هئا.
ٽاسڪ فورس سامونڊي شعبي ۾ مجموعي طور تي 99 سڌارن جي سفارش ڪئي.
ڏيڍ سال جي مختصر عرصي ۾ سڌارن تي عملدرآمد ڪميٽي 99 مان 85 ايڪشن پوائنٽس مڪمل ڪري ورتيون آهن، باقي 14 نقطن مان 11 مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ آهن جڏهن ته 3 ڊگهي مدي واري حڪمت عملي تحت جاري آهن.
مڪمل ڪيل سڌارن ۾ نيشنل پورٽ ماسٽر پلان جي تياري، يونيفارم پورٽ ٽريف تي عملدرآمد ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ شامل آهن.
سڌارن ۾ بندرگاهن جي ڪارڪردگي وڌائڻ، اقتصادي زونن جي نگراني لاءِ جديد نظام، ڪراچي پورٽ جي زمين تي قبضي جو خاتمو شامل آهن.
سڌارن ۾ ٽرانزيڪشن ۽ بنڪرنگ لاءِ ڪسٽم قاعدا شامل آهن ۽ گڏوگڏ مقامي جهازن جي تعمير ۽ مرمت جي نظام کي فروغ ڏيڻ.
صوبائي سطح تي مڇي مارڻ جي واڌاري لاءِ پنجن سالن جي پلان کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، جڏهن ته 8 سالن کانپوءِ جهازن جي ريسائڪلنگ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.
سڌارن جي ڪري نيشنل ڊريجنگ اينڊ مئرين سروسز جو قيام ٿيو، جيئن بندرگاهن جي ڊريجنگ ۾ خود انحصاري جي طرف هڪ اهم قدم آهي.


