لنڊن: برطانوي اخبار دي ٽيليگراف دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي شهيد اڳواڻ ۽ اڳوڻي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي جنازي نماز سخت سيڪيورٽي ۾ تهران ۾ ادا ڪئي وئي.
رپورٽ موجب جنازي نماز خميس تي محدود پيماني تي ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ آيت الله خامنه اي جي خاندان، ويجهن ساٿين ۽ ڪجهه اعليٰ حڪومتي عملدارن شرڪت ڪئي.
برطانوي اخبار جو چوڻ آهي ته تقريب کي مڪمل طور تي ڳجهو رکيو ويو ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب عوام جي شرڪت جي اجازت نه ڏني وئي.
بهرحال ان خبر جي اڃا تائين ڪنهن آزاد يا سرڪاري ذريعن تصديق نه ڪئي آهي، جڏهن ته ايراني حڪومت يا سرڪاري ميڊيا طرفان ڪو به باضابطا بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
ياد رهي ته آيت الله علي خامنه اي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي حملن جي پهرين ڏينهن 28 فيبروري تي پنهنجي خاندان جي ڪجهه ميمبرن سميت شهيد ٿي ويو هو.
رپورٽن مطابق انهن حملن ۾ ايران جي فوجي قيادت کي به سخت نقصان پهتو ۽ ڪيترائي اعليٰ فوجي اهلڪار ۽ صلاحڪار مارجي ويا، جن ۾ ميجر جنرل عبدالرحيم موسوي، ريئر ايڊمرل علي شمخاني ۽ ميجر جنرل محمد پاڪپور شامل آهن.
ان خبر خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران عالمي سطح تي هڪ نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايران جي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي به ڪڙي نظر رکي پئي وڃي.


