برطانيا ۾ اڄ مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ مختلف شهرن ۽ ڪائونسلن مان 170 کان وڌيڪ پاڪستاني ۽ ٻيا مسلمان اميدوار ميدان ۾ آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب مسلمان اميدوارن جو انگ ۽ سرگرميون خاص ڪري برمنگهم، بريڊفورڊ، مانچسٽر ۽ لنڊن ۾ نمايان آهن.
رپورٽن مطابق برطانيا ۾ 5 هزار 666 سيٽن لاءِ 25 هزار کان وڌيڪ اميدوارن ۾ مقابلو آهي، جڏهن ته اڪيلي برمنگهم ۾ ڪائونسل جي سيٽن لاءِ 600 کان وڌيڪ اميدوارن ۾ مقابلو آهي.
ان کان علاوه ڪيترن ئي تڪن تي آزاد ۽ فلسطيني حامي اميدوارن کي به خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.
سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته غزه جنگ، مهانگائي، لوڪل گورنمينٽ جا مسئلا، هائوسنگ ۽ اميگريشن جهڙا مسئلا هن ڀيري مسلمان ووٽرن لاءِ اهم مسئلا بڻجي ويا آهن، جنهن سبب روايتي پارٽين خاص ڪري ليبر پارٽي کي سخت مقابلي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
برطانيا جي مختلف ڪائونسلن جي سيٽن لاءِ 25 هزار کان وڌيڪ اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ مسلمان ۽ پاڪستاني نژاد اميدوارن جو انگ رڪارڊ سطح تي ڏٺو پيو وڃي.


