آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪاره فلسطين جي حمايت ڪرڻ تي فلم انڊسٽري مان پابندي لڳائي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read



هالي ووڊ جي آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪار جيويئر بارڊيم انڪشاف ڪيو آهي ته فلسطين جي حق ۾ ڳالهائڻ کانپوءِ فلمي دنيا ۾ مشڪلاتن ۽ پيشه ورانه دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پيو، ايستائين جو وڏا پروجيڪٽ ۽ برانڊ ڊيل به وڃائي ويٺو. مشهور هسپانوي اداڪار جيڪو غزه جنگ خلاف ڀرپور موقف اختيار ڪندڙ اهم شخصيتن مان هڪ آهي، هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو ته هن مختلف حلقن کان ٻڌو آهي ته سندس نالو ڪجهه فلمي منصوبن ۽ اشتهاري مهمن لاءِ تقريباً فائنل ڪيو ويو هو، پر بعد ۾ سندس سياسي موقف سبب کيس شامل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 57 سالن جي اداڪار جو چوڻ هو ته هو ان صورتحال کان گهڻو پريشان ناهي ڇو ته سندس زندگي ۽ ڪم رڳو آمريڪي اسٽوڊيو تائين محدود ناهي. هن چيو ته هو اسپين ۾ رهي ٿو ۽ کيس سڄي دنيا ۾ ڪم جا مختلف موقعا آهن، ان ڪري هو پنهنجي پوزيشن تي قائم رهڻ کي وڌيڪ اهم سمجهي ٿو. ان موقعي تي جيويئر بارڊيم هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سوزن سرنڊن جو به حوالو ڏنو، جنهن فلسطين جي حق ۾ احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ تي سخت تنقيد ۽ پيشه ور مشڪلاتن کي منهن ڏنو. بارڊم جي مطابق، اها صورتحال نظام جي خرابي کي ظاهر ڪري ٿي جتي ڪجهه سياسي راء رکندڙ ماڻهن کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اداڪار وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ ڪجهه حلقن کيس غير اعلانيه ’بليڪ لسٽ‘ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هاڻي شيون تبديل ٿيندي نظر اچن ٿيون ۽ ڪيترائي نوان فلمساز ۽ تخليقڪار کيس پنهنجن منصوبن ۾ شامل ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن. واضح رهي ته جيويئر بارڊم هن سال منعقد ٿيندڙ اڪيڊمي ايوارڊ 2026 جي تقريب ۾ فلسطين جي حق ۾ واضح موقف اختيار ڪيو هو. هن پنهنجي ڪوٽ تي فلسطيني جهنڊو لڳايو ۽ اسٽيج تي ايوارڊ پيش ڪرڻ کان اڳ ”آزاد فلسطين“ جو نعرو هنيو. هن بعد ۾ چيو ته کيس خدشو هو ته سندس بيان پٺڀرائي ٿي سگهي ٿو، پر ان جي ابتڙ هال تالين سان گونجي ويو، جنهن کيس محسوس ڪيو ته فلمي برادري ۾ فلسطين لاءِ همدردي موجود آهي، جڏهن ته ڪيترائي کليل ڳالهائڻ کان به گريز ڪندا آهن. جيويئر بارڊيم کان علاوه اداڪارا ميليسا بريرا کي به مشهور فلم سيريز ”اسڪريم 7“ مان ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته فلسطين بابت سوشل ميڊيا پوسٽن بعد هالي ووڊ جي رويي ۽ سياسي موقف بابت بحث تيز ٿي وئي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment