بنون ۾ زوردار ڌماڪو، 7 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


بنون ۾ زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

ايڪسپريس نيوز موجب بنون ضلعي جي تحصيل دوميل جي علائقي پينگ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو آءِ اي ڊي هو، جنهن کي نشانو بڻايو هڪ مسافر گاڏي. شروعاتي اطلاعن موجب مسافر ڊاٽسن هوتي خيل ڳوٺ کان مسافرن کي کڻي اچي رهيو هو.

بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ سب ڊويزن جي تحصيلدار وزير عبيدالله جي گاڏي کي به نقصان پهتو پر هو محفوظ رهيو.

بنون اسپتال انتظاميا موجب ڌماڪي کانپوءِ آيل زخمين ۾ ننڍڙا ٻار به شامل آهن. سمورن زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ خليفي گلنواز ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment