بنگلاديش جي دوري لاءِ قومي ٽيسٽ ٽيم ۾ اهم تبديلين جو امڪان آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


بنگلاديش جي دوري لاءِ قومي ٽيسٽ ٽيم ۾ اهم تبديلين جو امڪان آهي.

ذريعن موجب قومي ٽيسٽ ٽيم جو اعلان ايندڙ هفتي متوقع آهي، چونڊيل رانديگرن جي ڪيمپ 29 اپريل کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سليڪٽرز رانديگرن جي نالن تي صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. گذريل سال ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز لاءِ ٽيم ۾ 3 کان 4 تبديلين جو امڪان آهي.

ٽيم مئنيجمينٽ ۾ تبديلي جو به امڪان آهي، اظهر محمود بدران سرفراز احمد هيڊ ڪوچ هوندو. رانديگرن جي چونڊ ۾ سرفراز احمد جي راءِ کي به شامل ڪيو ويندو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته وڪيٽ ڪيپر روحيل نذير کي موقعو ڏئي سگهجي ٿو.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽيسٽ ميچ 8 ۽ 16 مئي تي کيڏي ويندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment