بنگلاديش ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نالي سان مشهور هڪ ناياب سفيد بهنس عيد الاضحيٰ تي قربان ٿيڻ کان بچي وئي، جڏهن حڪومت آخري وقت ۾ مداخلت ڪري ان جي قرباني کي روڪيو.
برطانوي خابرو اداري موجب هن اڇي بهنس جي سونهري وارن جي ڪري ماڻهن کيس ڊونلڊ ٽرمپ جو نالو ڏنو. سوشل ميڊيا تي هن جانور جي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ ان کي غير معمولي شهرت ملي.
رپورٽ موجب لڳ ڀڳ 700 ڪلو وزني هي بهنس عيد الاضحيٰ تي قرباني لاءِ وڪرو ڪئي وئي هئي پر عيد کان اڳ ئي ماڻهن جو وڏو انگ ان جانور کي ڏسڻ لاءِ اچڻ شروع ٿي ويو، جنهن ڪري سڪيورٽي خدشا پيدا ٿي ويا.
بنگلاديش جي گهرو وزارت جي هڪ اهلڪار جو چوڻ آهي ته گهرو وزير صلاح الدين احمد بهين جي قرباني کي روڪڻ لاءِ خاص هدايتون جاري ڪيون آهن. حڪومت خريدار کي رقم واپس ڪرڻ ۽ جانور کي ڍاڪا جي نيشنل زو ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
رپورٽ موجب شروعات ۾ اهو عام قرباني جو جانور هو پر ان جو منفرد اڇو رنگ، ڀورا وار ۽ پرسکون طبيعت ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو هو.
سوشل ميڊيا تي ان جي مقبوليت کان پوءِ ماڻهو پري پري کان ان کي ڏسڻ ۽ ان سان تصويرون ڪڍڻ لاءِ آيا.
بنگلاديشي ميڊيا موجب حڪومت جو چوڻ آهي ته جانور جي وڌندڙ مقبوليت ۽ عوام جي دلچسپي سبب ان کي محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ ضروري ٿي ويو آهي.


