تهران:
ايراني راڄڌاني ۾ ايئر ڊفينس سسٽم کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ ايئر ڊفينس سسٽم جي سرگرمي ڏٺو ويو.
عالمي خابرو اداري موجب خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ ايراني سيڪيورٽي ادارا مڪمل طور تي متحرڪ آهن.
آمريڪي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آمريڪي فورسز ايران جي خاشم بندرگاهه ۽ بندر عباس ويجهو آپريشن ڪيو آهي، جڏهن ته ايراني اختيارين الزام هنيو آهي ته آمريڪي حملي ۾ ايراني آئل ٽينڪر کي به نشانو بڻايو ويو.
ٻئي طرف ايران آمريڪا تي جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي ۽ چيو آهي ته تازيون ڪارروايون خطي کي وڌيڪ عدم استحڪام ڏانهن ڌڪي رهيون آهن.
ايراني فوجي قيادت خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور ۽ مضبوط جواب ڏنو ويندو.
آمريڪي اختيارين جو موقف آهي ته تازن حملن کي جنگ بندي جي خاتمي سان تعبير نه ڪيو وڃي پر ايراني عملدار ان موقف کي رد ڪري رهيا آهن.
ٻئي طرف گڏيل قومن ۾ ايراني نمائندي آمريڪي قرارداد کي تعصباڻو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان جو مقصد آمريڪي عملن جو جواز پيش ڪرڻ آهي.
ايراني وفد جو چوڻ هو ته آبنائے هرمز ۾ بارودي سرنگون رکڻ جا الزام بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن.
ايراني وفد وڌيڪ چيو ته موجوده بحران جو بنيادي سبب آمريڪا ۽ اسرائيل جون پاليسيون آهن، جڏهن ته خطي ۾ امن جو واحد رستو جنگ، دٻاءُ ۽ معاشي ناڪابندي ختم ڪرڻ آهي.


