توانائي جي فراهمي، تحفظ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ SIFC جون ڪوششون

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


SIFC جي سهڪار سان توانائي جي فراهمي ۽ ٽرانسميشن سسٽم کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

اسپيشل انويسٽمينٽ فيلٽي ڪائونسل جي موثر سهڪار جي نتيجي ۾ ماچيڪي-ٿيلين-تارو جبا وائيٽ آئل پائپ لائن منصوبي جي منظوري عمل ۾ اچي وئي آهي.

وائيٽ آئل پائپ لائن منصوبو ملڪ جي ڏاکڻي ۽ اترين حصن جي وچ ۾ تيل جي نقل و حمل لاءِ هڪ اهم ۽ اسٽريٽجڪ ڪوريڊور فراهم ڪندو، پاڪستان ۾ توانائي جي رابطن ۽ تيل جي نقل و حمل جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.

اختيارين موجب وائيٽ آئل پائپ لائن منصوبي سان فيول سپلائي سسٽم کي وڌيڪ موثر ٿيندو جڏهن ته ترسيل خرچن ۾ به گهٽتائي ايندي. ان منصوبي کي ملڪ جي انرجي سڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ ۽ انرجي انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.

پائيپ لائين منصوبي سان نه رڳو توانائي جي شعبي ۾ سهولت ملندي پر روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد به وڌندو.

ڪائونسل سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ بنيادي ڍانچي جي اهم منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ وائيٽ آئل پائيپ لائين منصوبي جي منظوري ان سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment