آءِ ايم ايف جي شرط تي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز جون شيون مقامي مارڪيٽ ۾ نه وڪرو ڪرڻ جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



وفاقي حڪومت انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي شرطن تحت سيپٽمبر 2026ع کان ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز کي ملڪي مارڪيٽ ۾ پنهنجي پيداوار وڪڻڻ جي اجازت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ انهن زونن کي پنهنجي پيداوار جو 100 سيڪڙو ايڪسپورٽ ڪرڻو پوندو. ناڻي واري وفاقي وزارت جي عملدارن موجب آءِ ايم ايف جي شرطن تحت سيپٽمبر 2026ع کان ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز کي مقامي مارڪيٽ ۾ پنهنجون شيون وڪڻڻ جي اجازت هوندي ۽ انهن زونن کي پنهنجي پيداوار جو 100 سيڪڙو برآمد ڪرڻو پوندو. آفيسرن جو چوڻ آهي ته ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز کي في الحال اجازت آهي ته هو پنهنجي پيداوار جو 20 سيڪڙو ملڪي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪن، پر آءِ ايم ايف حڪومت جي اها رعايت برقرار رکڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت موجب حڪومت وڌيڪ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زونز قائم ڪرڻ جي اجازت جي درخواست به ڪئي هئي پر آءِ ايم ايف به قبول نه ڪئي. آفيسرن چيو ته حڪومت ايندڙ معاشي جائزي دوران ٻيهر درخواست ڪندي ته ملڪي مارڪيٽ ۾ 20 سيڪڙو پيداوار وڪڻڻ تي پابندي لاڳو نه ڪئي وڃي. ناڻي واري وزارت موجب مقامي مارڪيٽ ۾ پيداوار وڪرو ڪرڻ جي استثنيٰ ختم ڪرڻ جي تجويز به فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڏانهن موڪلي پئي وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment