حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل پنجين ڏينهن به واڌ ڪري ڇڏي آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ مسلسل پنجين ڏينهن به واڌ ڪري ڇڏي آهي. توانائي واري وزارت جي پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي وفاقي حڪومت ۽ آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پاران جاري ڪيل پيٽروليم شين جي قيمتن جي مقرري جي طريقيڪار موجب ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اطلاق 25 جولاءِ 2026ع کان ٿيندو، نوٽيفڪيشن موجب حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 66 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ پيٽرول جي نئين قيمت 335 رپيا 18 پئسا في ليٽر جي سطح تي پهچي وئي آهي. اهڙي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل 4 رپيا 80 پيسا مهانگو ٿي ويو آهي ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 383 رپيا 46 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ ترتيبوار 4 رپيا 40 پيسا ۽ 3 رپيا 62 پيسا واڌ ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جو اگهه 378 رپيا 66 پيسا ۽ ڊيزل جو اگهه 378 رپيا 66 پيسا جي سطح تي پهچي ويو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment