پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار شان بيگ ۽ ماڊل مان اداڪاره روما مائيڪل خاموشي سان شادي ڪري ورتي.
ان خوشخبري جو اعلان شان بيگ سوشل ميڊيا ذريعي ڪيو، جتي هن پنهنجي زال روما مائيڪل سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ ’وائفي‘ جو اسٽيڪر به لڳل آهي. بعد ۾ روما مائيڪل به پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ساڳي تصوير شيئر ڪندي ان خبر جي تصديق ڪئي.

شادي جي خبر سامهون ايندي ئي مداحن، شوبز شخصيتن ۽ ساٿي فنڪارن طرفان مبارڪن ۽ نيڪ تمنائن جو سلسلو شروع ٿي ويو. روما مائيڪل پڻ پنهنجي انسٽاگرام ڪهاڻين تي وصول ڪيل مبارڪن جا ڪيترائي پيغام شيئر ڪيا، انهن جي خوشگوار شادي شده زندگي لاءِ دعا ڪئي.
ان خبر کان پوءِ شان بيگ هڪ تفصيلي بيان جاري ڪندي مداحن ۽ ميڊيا کي چيو ته هو پنهنجي نجي زندگي جو احترام ڪن. هن چيو ته سندس اڳوڻي زال کان طلاق جو عمل گهڻو اڳ طئي ٿيو هو ۽ ٻئي پنهنجي پنهنجي زندگيءَ ۾ اڳتي وڌيا آهن. اداڪار موجب هن هاڻي اميد، خوشي ۽ شڪرگذاري سان زندگي جو هڪ نئون باب شروع ڪيو آهي.
شان بيگ پنهنجي پيغام ۾ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو ماضيءَ کي وساري ڇڏين ۽ افواهون، قياس آرائين يا غير ضروري موازن کان پاسو ڪن. هن چيو ته هن وقت هن جو سڄو ڌيان پنهنجي نئين شادي شده زندگي، خاندان، پيءُ جي حيثيت ۾ پنهنجي ذميوارين ۽ مستقبل تي آهي.

شان بيگ پاڪستان جي ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي جڏهن ته هن انٽرنيشنل ليول تي به پنهنجي صلاحيتن جو ثبوت ڏنو آهي. هو تازو ئي هالي ووڊ سيريز ڊيلي بوائز جي ٻئي سيزن ۾ به نظر آيو هو. اداڪاري سان گڏ، هن کي هڪ فيشن انفلوئنسر طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو ۽ کيس 2023 ۽ 2024 ۾ فلم فيئر مڊل ايسٽ پاران ’فيشن انفلوئنسر آف دي ايئر‘ سان نوازيو ويو آهي.
ٻئي طرف روما مائيڪل هڪ ماڊل طور پنهنجي سڃاڻپ قائم ڪرڻ بعد اداڪاري جي ميدان ۾ به قدم رکيو. هن 2023ع ۽ 2024ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي ’مس چارم‘ ۽ ’مس گرانڊ بيوٽي‘ مقابلن ۾ به حصو ورتو، جڏهن ته فلم ’ڪهي دل جٺ‘ سميت ڪيترن ئي پروجيڪٽن ۾ به پنهنجي اداڪاري ڪري ڌيان ڇڪايو.


