نيشنل اسپيشل گيمز: ڪراچي ۾ فٽبال ٽورنامينٽ کانپوءِ اختتامي تقريب

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



اسپيشل اولمپڪس پاڪستان تحت نيشنل اسپيشل گيمز 2026 جي ٻئي ۽ آخري مرحلي ۾ فٽبال ٽورنامينٽ کانپوءِ ڪراچي ۾ ميڊل ورهائڻ ۽ اختتامي تقريب منعقد ڪئي وئي. اسپيشل اولمپڪس پاڪستان جي روح روان رونق لاکاڻي استقباليه تقرير ڪئي، هن چيو ته گيمز ۾ سڄي ملڪ مان هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيل اسپيشل رانديگرن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ثابت ڪيو آهي ته اهي ڪنهن کان گهٽ ناهن. رونڪ لاکاڻي گيمز کي ڪامياب بڻائڻ تي مک ڊونلڊز، پاڪستان او ايم آءِ ۽ فيصل بئنڪ سميت اسپانسرز ۽ ڊونرز جا خاص ٿورا مڃيا. مهمان خاص راحيل اعجاز چيو ته سماجي ذميواري تحت مثبت سرگرمين کي فروغ ڏئي رهيا آهيون، اسپيشل اولمپڪس پاڪستان جي اسپيشل ايٿليٽس لاءِ ڪوششون قابل قدر آهن. فٽبال ٽورنامينٽ لاءِ ڪينيڊا مان خصوصي طور تي آيل فيفا فٽبال ڪوچ ڪرن غوري چيو ته ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي رانديگرن شاندار پرفارم ڪري دليون کٽي اهو ثابت ڪيو ته سندن صلاحيتون ڪنهن کان گهٽ ناهن. اسپيشل رانديگرن جي نمائندگي ڪندي ياسمين اسپيشل اولمپڪس پاڪستان پاران بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو. فٽبال چيمپيئن شپ جي بوائز ايونٽ جي اي ڪيٽيگري ۾ فيڊرل ايرياز پهرين، خيبرپختونخواهه ٻي ۽ سنڌ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. ان کان اڳ راندين ۾ حصو وٺندڙ ٽيمن مارچ پاسٽ ڪري سلامي ڏني ۽ آخر ۾ ڪامياب ٽيمن ۽ انهن جي رانديگرن ۾ ميڊل ورهايا ويا. ايندڙ رانديون پنجاب ۾ ٿينديون. نيشنل گيمز کانپوءِ رانديگر سليڪشن ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندا، جن مان 15 کان 23 آڪٽوبر 2027 تائين سينٽياگو (چلي) ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ 10 رانديگرن لاءِ 85 رانديگرن جي چونڊ ڪئي ويندي، جنهن ۾ خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان مان 82 ذهني معذور رانديگرن حصو ورتو. نيشنل گيمز کانپوءِ رانديگر سليڪشن ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندا جن مان 15 کان 23 آڪٽوبر 2027 تائين سينٽياگو (چلي) ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ 10 رانديگرن جي چونڊ ڪئي ويندي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment