پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي 26هين ترميم جي شق کي اعتراض ڪندي طئي ڪيو هو ۽ هاڻي جيڪڏهن 28هين ترميم آئي ته ان جي حمايت جو فيصلو ان کي ڏسي ئي ڪيو ويندو. پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان کي پنجاب جي گورنر طور مقرري جا ٻه سال پورا ٿيڻ تي پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي ۽ عوامي مفاد ۾ ڪيل ڪمن بابت خصوصي ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري. هن چيو ته ترميمون قومي مفادن لاءِ ٿيون آهن، پيپلز پارٽي 26هين ترميم جي شق تي اعتراض اٿاري ان کي درست ڪرايو، جيڪڏهن ڪا ٻي ترميم آئي ته حمايت جو فيصلو ان کي ڏسي ئي ڪيو ويندو. هن چيو ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊون نه ٿي رهيون آهن، هميشه هڪ پوزيشن ۾ رهڻ جي دعويٰ طاقتور به نٿا ڪري سگهن. صوبائي حڪومت جي حوالي سان هن چيو ته پنجاب حڪومت سان اختلاف گهر جو معاملو آهي، اتحادي حڪومت ۾ آهن، اهي اختلاف نٿا چاهين. پنجاب جي گورنر چيو ته مان سياسي ماڻهو آهيان ۽ ملاقاتن کانسواءِ رهي نٿو سگهان پر سرڪاري ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ رات دير تائين ڪم ڪندو آهيان، مون اپيل به ٻڌي آهي جيڪا گذريل 3 سالن کان التوا جو شڪار آهي ۽ هاڻي هڪ به فائل التوا ۾ ناهي. سردار سليم حيدر خان چيو ته جيڪڏهن 28هين ترميم آئي ته حمايت جو فيصلو ان کي ڏسي ئي ڪيو ويندو. پنجاب جي گورنر تجويز ڏني ته يونيورسٽي ۾ فيصلا ڪرڻ جا سمورا اختيار گورنر هائوس کي ڏنا وڃن، هائير ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي مداخلت ۽ وزيراعليٰ هائوس فيصلن ۾ دير ڪري رهيا آهن.
Source link

جڏهن 28هين ترميم ايندي ته حمايت جو فيصلو ڏسڻ بعد ڪندو، گورنر پنجاب
Leave a Comment Leave a Comment

