حسن خيل ۾ خوارجن سان مقابلي ۾ 6 ايف سي اهلڪار شهيد ٿي ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



خيبرپختونخواهه جي راڄڌاني پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ خوارج سان مقابلي دوران ايف سي جا 6 جوان شهيد ٿي ويا. تفصيل موجب پشاور جي علائقي حسن خيل ۾ خوارجن سان بهادري سان وڙهندي فيڊرل ڪانسٽيبلري جا 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن جي جنازي نماز فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري شهيد اهلڪارن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ نائيڪ عامر، لانس نائيڪ محمد يوسف، لانس نائيڪ محمد رياض، سپاهي اجمير، احسان ۽ رياض جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي بلند حوصلي کي ساراهيو. محسن نقوي چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، قوم جي بهادر ٻارن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. گهرو وزير چيو ته هو شهيدن جي سوگوار خاندانن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ کين اڪيلو نه ڇڏيندا. مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو آهي ته سڄي قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي، امن دشمن عنصرن خلاف ڪارروايون وڌيڪ موثر ڪيون وينديون. جنازي نماز ۾ آءِ جي فرنٽيئر ڪور نارٿ، آءِ جي خيبرپختونخواهه پوليس، آءِ جي فيڊرل ڪانسٽيبلري، ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي، ڊي جي ايف آءِ اي، ڊي جي اين سي سي آءِ اي، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر پشاور ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment